ٻارهن ماهه

ٻارهن ماهه: سنڌي ۽ گرمکي لپي ۾ لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا: (1) منشي پوڪرداس ٿانورداس جو لکيل ڪتاب، جيڪو 1898ع ۾ منشي پوڪرداس، پوڪر پريس، شڪارپور مان ڇپايو. (2) گرمکي لپيءَ ۾ جمناداس جو لکيل ڪتاب، جيڪو 1893ع ۾ چشم نور پريس امرتسر ۾ ڇپيو. (3) موتيرام جمناداس جو لکيل ڪتاب، جيڪو 1890ع ۾ اسلاميه پريس، لاهور مان ڇپيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1893ع ۾ مجتبائي پريس، لاهور مان ڇپيو. (4) پنجومل جو لکيل ڪتاب، جيڪو 1888ع ۾ مجتبائي پريس، لاهور مان ڇپيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1890ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1893ع ۾ اسلاميه پريس، لاهور ۾ ڇپيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو